اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته فارن فنڊڊ پارٽين کي ??لڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئيني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئين کي محفوظ رکيو آهي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن م??ڪ لاءِ آئين ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئين کانپوءِ ضياءُ الحق ۽ مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ان کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئين ۾ ترميمن جي اجازت به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪندا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوان کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان پاڙيسري ملڪن سان ??هت?? لاڳاپا چاهيون ٿا، اسان چين سان معاشي معاهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، اسان ايران سان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدان?? ۽ ??ارن فنڊڊ پارٽين جي مدد ڪنديون آهن، اهي آئين جي شڪل بگاڙيندا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙيندا آه?? ۽ ??وم کي ورهائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن فنڊڊ پارٽين کي اڳتي آندو پيو وڃي، اسان کي انهن فارن فنڊڊ پارٽين سان ڳالهين تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، اسان ڳالهيون پاڪستا?? ۽ ??اڪستان جي ان??ن پارٽين سان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. اسان کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن سان به ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي متفقه سفارشن کي ??ن پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته اسان اڄ به آئي?? ۽ ??ارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي ايندا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو نالو وٺي رهيو آهي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن دوکي بازن کي رد ڪيو آهي. هن آئين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن فنڊڊ پارٽيون م??ڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جتي ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ??لڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.