اسلام آباد – 13– اپ??يل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپ??يل 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته آءِ ??يم ايف پروگرام عمران حڪومت جي واعده خلافي جي ڪري معطل هو، اپ??يل 2022ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت في??ل سبسڊي ڏني جنهن جي ڪري قوم کي 100 ارب رپيا ماهوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذ??يل سال اسان جي امپورٽس 80 ارب ۽ روانگي واپار 31 ارب ڊالر هو، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ارب ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پي ٽي آءِ ??ي چ??ر سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽ??يڊ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پي ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.