اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ جديد ترين روبوٽڪ ??رجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي ان سهولت جي شروعات تي ڊاڪٽرز ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله پاڪستان ۾ جگر ۽ گردي جي علاج جو جيڪو ٻوٽو پوکيو هو ان ميو?? ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي ڪي ايل آئي ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهل وطن کي ملڪ جي اندر ئي جگر ۽ گردي جي جديد ترين علاج جي سهولت ڏيڻ هئي، ان سهولت جي شروعات سان پاڪستان ۾ مريضن کي جگر ۽ گردن جي ??رلڊ ڪلاس علاج جي ??قامي سطح تي سهولت ميسر اچي وئي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پي ڪي ايل آئي پاڪستان جو ”جان پاڪنز“ بڻجندو. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2019ع ۾ پنهنجي ڀاءُ کي وڌيڪ پگهار ڏيارڻ جي ??اءِ چڪر ۾ چڪر نه هلائي ها ته اڄ پي ڪي ايل آئي ت??ام گهڻو اڳتي هجي ??ا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گردي ۽ جگر جي ??رضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، اميد آهي پي ڪي ايل آئي سان ان مرضن کي روڪڻ ۽ موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گردي جي ??رضن سان فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 2.77 سيڪڙو آهي جنهن کي روڪڻ جي ??اءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آئي جهڙي اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال ٻين علائقن ۾ به ٺاهينداسين. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ادارن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف روبوٽڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي رهي، اسان اها ٽيڪنالاجي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي. هن چيو ته تعليم، صحت جي عالمي سطح جي سهولتن جي ??اڪستانين کي فراهمي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ عوام جي ڀلائي جو جيڪو سفر روڪيو ويو هو، الله تعاليٰ جي ??ضل ۽ ڪرم سان هاڻي ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عوام جي خدمت لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ادا ڪندس، عوام جي خدمت جو رستو نه ڇڏيندس.