اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ ل??ءِ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي شان??ار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري انهن سان افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبي??ار تاج مير، حوال??ار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئيرن سان ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان محبت ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪندي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.