ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف گريٽر ڪراچي واٽر سپلاءِ اسڪيم ڪي – فور جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇ??يو. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي گورنر ها??وس ۾ منعقد تقريب ۾ گريٽر ڪراچي واٽر سپلائي اسڪيم ڪي – فور جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير س??د مراد علي شاهه ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير س??د خورشيد احمد شاهه پڻ موجود هئا.