اسلام آباد – 13 – جون (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي مين لائين ون جي اپ گريڊيشن جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته (ايم ايل – 1) پ??ڪس??ان ريلوي جي ??ظا?? جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پ??ڪس??ان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي ??ظا?? ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پ??ڪس??ان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پ??ڪس??ان ريلويز ۾ سڌارن ۽ مين لائين ون جي اپ گريڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، خواجه سعد رفيق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ريلوي ۾ جاري سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ريلوي هنگامي بنيادن تي پ??هنجي آپريشنز کي بحال ڪيو. هن وقت ريلوي جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي. ان کانسواءِ ريلوي ٽڪيٽنگ جي ??ظا?? کي پڻ مڪمل ??ور تي ڊيجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. اجلاس کي مين لائين ون (ايم ايل – 1) اپ گريڊيشن منصوبي تي اڳڀرائي خاص ??ور تي منصوبي جي مختلف آپشنز ۽ مرحلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان مستقبل ۾ پنهنجي ريلوي ??ظا?? ۽ بندرگاهن جي ذريعي خطي جي ٻين ملڪن جي لاءِ اهم واپاري لنگهه فراهم ڪندو، پ??ڪس??ان ريلوي جي بحالي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيل موٽرويز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان عوام فائدو کڻي رهي آهي، پ??ڪس??ان ريلويز جي ٽيم جون ٻوڏ کانپوءِ پنهنجي آپريشنز جي فوري بحالي جي لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.