اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ دهشتگردن جي خودڪش حملي ۾ فوجي جوانن جي ش??اد?? تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه و??اريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??اد?? ماڻيندڙ نائب صوبيدار صاحب خان، نائيڪ محمد ابراهيم، سپاهي جهانگير خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انهن ب??اد?? جوانن چوڪيءَ تي حملي کي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ناڪام بڻايو ۽ قوم کي تمام وڏي نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه و??اريندي. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جا ب??اد?? جوان پنهنجي رت سان هن ملڪ جي بقاءَ جي آبياري ڪري رهيا آهن.