اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف، پارلياماني معاملن واري وزير کي هدايت ڪئي ته بجيٽ تي ميمبرن جي ??جو??زن کي نوٽ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن جو گيلري ۾ موجود هجڻ انتهائي ضر??ري آهي، جيڪڏهن اربع ڏينهن آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس جي شروعات تي اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت 11 بجي جو هو، پر بجيٽ ??جو??زون نوٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري آفيسر اڃا تائين گيلري ۾ موجود نا??ن، پارلياماني معاملن وارو وزير اها ڳالهه وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻي، جيڪڏهن (اڄ) کان لاڳاپيل آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.