اس??ام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز ا??رف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون ڏيندي الله تعاليٰ کان سموري عالم اس??ام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين ??ان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين ??يش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اس??ام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ت?? حاجي سڳورا حج دوران جيڪي تڪليفون برداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان جو عظيم اجر کين ??لندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي حج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري نصيب فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اس??ام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، معاشي ۽ سياسي ڏکيائين ??ان نجات عطا فرمائي. الله تعاليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله تعاليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طعي ٿين.