باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ات??اق ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان ??ي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ??ذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان ??ذربائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته آذربائيجان ??ي قومي ا??ئرلائين اسلام آباد جي لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو آذربائيجان ??و دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو آذربائيجان ??ي صدر جي ويزن کان ??مام گهڻو متاثر آهي، آذربائيجان ??ان لاڳاپن جي فروغ کي ا??م سمجهون ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي آذربائيجان پاران ??دائين پاڪستان ??ي موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان ??ي صدر کي پاڪستان ??ي دوري جي دعوت پڻ ڏني. آذربائيجان ??ي صدر الهام عليوف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي ات??اق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ تعليم، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيجان ??ي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪ??و ويندو.