اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪي مسئلن تي گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ک?? تباهي نه ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو پوندو، جيڪي قومون تاريخ کان نه سکي سگهيون اهي نقصان کڻنديون آهن. هو ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر فاروق عادل جي ڪتاب ”اسان جيڪو وساري ڇڏيو: پاڪستان جي تاريخ جا وڃائجي ويل پنا“ جي رونمائي واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب جي صدارت سينيٽر عرفان صديقي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ڪتاب جي مهورتي تقريب تي ڊاڪٽر فاروق عادل کي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪي تاريخ جي رخن تي روشني وڌي آهي، هن ڪتاب جي اندر اسان جي گورننس، جمهوريت جي ارتقاءَ، رياست جي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي سميت ڪيترن ئي مسئلن جو ذڪر آهي. هن چي?? ته اسان کي تاريخ مان سکڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته موجوده دور ۾ ذميواراڻي صحافت جو تعين انتهائي ضروري آهي. ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب جي ذريعي هڪ اهڙو حسين ۽ خوشگوار لمحو فراهم ڪيو آهي، جتي مخ??لف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو هڪ جڳهه تي ويهي تاريخ جي باري ۾ ڳالهائي سگهن ٿا. اسان کي اهڙي قسم جي ڪلچر جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي ڪلچر اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. هن چي?? ته ڊاڪٽر فاروق عادل پنهنجي ڪتاب ۾ ملڪ جي بنيادي مسئلن جو ذڪر ڪيو. اسان کي انهن مسئلن تي کلي دل سان ويهي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. هن چي?? ته پاڪستان جي رياستي، نشرياتي اداري ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي بنيادي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ??دد??ار ثابت ٿيندو. تقريب کي ڊاڪٽر افتخار عارف، عبدالباسط مجاهد، محبوب ظفر، ڊاڪٽر فاروق عادل، خورشيد ??ديم سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.