اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل وزارتن ??ي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. ربيع جي فصل لاءِ آبادگارن کي وقت سر ۽ بنا رڪاوٽ ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي وڏي اسٽاڪ جو به مناسب ۽ وقت سر بندوبست ڪيو وڃي. ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ق??متن تي گهري نظر رکي. اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي تازي پيداوار ۽ گهربل متوقع گهرج بابت ٻڌايو و??و. اجلاس کي ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن بابت پڻ آگاهه ڪيو و??و. نگران وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ??ي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڀاڻ جي پيداوار جي خام مال جي ق??متن، ڀاڻ جي موجوده قيمت، ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي ۽ طلب بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو و??و. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزير گوهر اع??از، ڪوثر عبدالله ملڪ، محمد علي، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.