اسلام ??با??-26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس 27 آڪٽوبر تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ ۽ هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. سڄي دنيا ۾ ۽ لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسي ڪشميري 27 آڪٽوبر (جمعي) کي ڪاري ڏينهن طور ??لهائيندا. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ??ار??ي فوج غير قانوني طور تي سرينگر ۾ لٿي هئي جنهن والاريل ڪشمير ۾ معصوم ماڻهن تي ڏاڍ ۽ جبر، قبضي، مظلوميت ۽ تسلط جو باب شروع ڪيو. هر سال 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ??لهايو ويندو آهي ته جيئن ??ار?? جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي حوالي سان پنهنجن وعدن کي ياد ڪرائڻ آهي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا. ڪشمير ميڊيا سروس رپورٽ مطابق ان ڏ??نهن ??ار??ي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ عوام طرفان مڪمل شٽر ڊائون ڪيو ويندو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز جو بندوبست ڪيو ويندو. ڪشميري عوام ۽ مهذب دنيا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ??ار??ي فوج جي علائقي تي حملي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي نريندر مودي جي قيادت هيٺ هندوتوا ??ار??ي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي.