اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ا??لي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ا??لي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ا??لي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ا??لي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ا??لي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائ?? کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ا??لي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.