اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) کي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ پِي اِي سي ايڪس لينس ايوارڊ عطا ڪيو. واپڊا پڌرائي موجب واپڊا چيئرمين کي اهو ايوارڊ ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ جي ڪيٽيگري ۾ نمايان قومي خدمتن، سول انجنيئرنگ جي ??عبي ۾ سندس سروسز، قومي مقصد ۾ قيادت ۽ لڳاءُ جي ??نياد تي ڏنو ويو آهي. ايوارڊ عطا ڪرڻ جي ??قريب پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ??هتمام هيٺ ٿي. واپڊا چيئرمين جي ??يثيت سان انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) واپڊا کي هڪ ڪارائتو ۽ بهترين نتيجا ڏيندڙ ادارو بڻائڻ جي لاءِ غيرمعمولي قائداڻي ۽ بهترين انتظامي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. هن پاڻي ۽ پن بجلي جي ??عبن ۾ قومي اهميت جي منصوبن تي تعميراتي ڪم جي ??فتار کي وڌايو. مالي ڏکيائين جي ??اوجود واپڊا جي 8 تعمير هيٺ منصوبن تي تعميراتي سرگرميون بنا رڪاوٽ جاري آهن، جيڪي بطور چيئرمين سندس وڏي ڪاميابين مان هڪ آهي. واپڊا جا تعمير هيٺ منصوبا 2024ع کان 2029ع تائين مرحليوار مڪم?? ٿيندا ۽ انهن جي ??ڪميل تي ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ??لاحيت ۾ 9.7 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته سستي پن بجلي پيدا ڪرڻ جي ??لاحيت ۾ اٽڪل 10 هزار ميگاواٽ اضافو ٿيندو. انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) جي ??ربراهي ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي فيبروري 2023ع ۾ جڏهن ته ديامير ڀاشا ڊيم تي ڊسمبر 2023ع ۾ دريا جو رخ موڙڻ جو سنگ ميل عبور ڪيو ويو. اميد آهي ته ايندڙ 3 مهينن ۾ مهمند ڊيم پراجيڪٽ تي پڻ درياءَ جو رخ موڙڻ جو اهم هدف حاصل ڪيو ويندو. ان نوعيت جي ڪم ۾ عام طور 18 کان 24 مهينن جو عرصو گهربل هوندو آهي. انجنيئر ليفٽيننٽ جنرل سجاد غني (رٽائرڊ) جو ت??لق پاڪستان آرمي جي ڪورز آف انجنيئر سان آهي. سندس پيشيواراڻي تجربو 44 سالن تي ٻ??ل آهي. هن ملٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور مان گريجوئيشن ڪئي جڏهن ته يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. هڪ نوجوان انجنيئر جي ??يثيت سان هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيترائي منصوبا تعمير ڪيا. 03 – 2002ع دوران ڪمانڊر ڪور انجنيئر جي ??يثيت سان هن تعمير ڪراچي پروگرام جي لاءِ سهولتون پهچايون ۽ سنڌ صوبي ۾ آبپاشي ۽ پاڻي جي نيڪال جي ڪيترن ئي منصوبن جو جائزو ورتو. 13 – 2010ع ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل طور هن آرمي جي ??پريشنل ۽ لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر جي ??عمير ۽ سارسنڀال ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. اين ايل سي جي ??فيسر انچارج جي ??يثيت ۾ هن پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڪيترن ئي وڏن منصوبن کي تڪميل تائين پهچايو. هن قطر ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جي ??عميراتي ڪمپنيون جي ??ربراهي پڻ ڪئي.