اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران ??فاقي وزير مدد علي سنڌي سان ??نجاب چيمبر آف ايجوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفاقي وزير وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ايجوڪيشن اسڪول کان ??اهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان ??اڪاري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته اهي تجويزون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وفاقي وزير کي صوبن ۾ اڻ اع??ان??ل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آهن. هن کي ٻُڌايو ته تعليمي ??ئل??نڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف انداز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدمت??ن پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ??اهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدمتون وفاقي حڪومت کي ب?? پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته اهي تجويزون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي طرح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.