اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقا??تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻ??رفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻ??رفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقا??تي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقا??تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.