راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزير ??هز??ده خالد بن سليمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سلامتي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ اي?? پي آر مطابق چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد هن وقت ٻ??ن عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن نمائش ۾ لڳايل مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ الفتح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح به ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.