اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نئين چونڊ??ل اسيمبلي جي افتتا??ي اجلاس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ قومي اسيمبلي هال جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي عملدارن نگران وفاقي وزير کي قومي اسيمبلي جي افتتا??ي اجلاس جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. ڊي جي ميڊيا نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ته نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن جي ??هو??ت لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. انهن اسيمبلي ميمبرن جي رجسٽريشن، انهن جي لاءِ ضروري دستاويزن جي تياري ۽ قومي اسيمبلي جي ضروري قاعدن ۽ ضابطن کان پڻ آگاهه ڪيو. انهن ٻڌايو ته نئين چونڊيل ميمبرن جي لاءِ اسيمبلي هال ۾ سيٽن جو خصوصي انتظام پڻ ڪيو ويو آهي. نگران وفاقي وزير نئين چونڊ??ل اسيمبلي ميمبرن جي ??هو??ت لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ قائم فيسلي ٽيشن سينٽر جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير کي فيسلي ٽيشن سينٽر جي معاملن ۽ نئين چونڊ??ل اسيمبلي ميمبرن کي فراهم ڪئي ويندڙ ??هو????ن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.