اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي ??رد??ري 411 ??وٽ حاصل ڪري صدر مملڪت چونڊجي ??يو. سندس مقابلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ??وٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حت??ي سرڪاري نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قومي اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي ??رد??ري 411 وٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ??يو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين مخالف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ??وٽ حاصل ڪري سگهيو. قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبرن پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪيو جن م??ن مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قومي موومينٽ پاڪستان، پاڪست??ن مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي گڏيل اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي ??رد??ري 411 ??وٽ حاصل ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل نتيجن موجب صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪل ??وٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽرن پنهنجي ??وٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 9 ??وٽ رد ٿي ويا، 1035 ??وٽ درست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي نتيجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.