اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عيدالفطر ٻين سان ??وش??ون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ??يثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن اسان کي ??حيثيت قوم رنڊڪن کي ??تم ڪرڻ، ضرورتمندن جي لاءِ مدد جو هٿ وڌائڻ ۽ سڀني جي لاءِ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو، اسان سڀني کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ ??خو??، ڀ??ئي??اري، سماجي ۽ معاشي انصاف ۽ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي سان سرشار ٿي هڪ متحد ۽ مضبوط بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. عيدالفطر 1445هه جي موقعي تي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جي هن ??وش?? جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي ??ل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو، آئون الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان هي مبارڪ ڏينهن اسان جي لاءِ ??مام گهڻيون برڪتون، ??وش??ون، امن ۽ سلامتي آڻي. هن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ روزا، نماز ۽ صدقن ڏيڻ کانپوءِ هن مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ??لله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هن بي شمار نعمتن ۽ توفيق سان اسان کي ??مضان المبارڪ جون اهي سموريون سعادتون ۽ ??وش??ون نصيب ٿيون آهن. رمضان دوران اسان الله جي اطاعت، تقويٰ، همدرديءَ ۽ سخاوت جي اصولن تي عمل پيرا ٿياسين. هن چيو ته عيدالفطر ٻين سان ??وش??ون ورهائڻ ۽ معاشري جي محروم طبقن جي لاءِ ??يثار ۽ قرباني جو ڏينهن آهي. هي مبارڪ ڏينهن ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته اسان ضرورتمندن، لاچارن، غريبن، يتيمن ۽ محتاجن جي ڀرپور مدد ڪندي انهن کي ??ه عيد جي ??وش??ن ۾ شريڪ ڪريون. صدر چيو ته آئون پاڪستاني قوم پاران غزه ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ ??هو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم توهان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. اسان عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته اها غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اسرائيل جو ظلم، ڏاڍ ۽ نسل ڪشيءَ انساني حقن جي سنگين ترين خلاف ورزي آهي. صدر چيو ته اسان کي ??وش?? جي هن موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پڻ نه وسارڻ گهرجي. آئون انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل تائين انهن جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون هن مبارڪ ڏينهن جي موقعي تي هر پاڪستاني ۽ پوري مسلمان امت جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ??عاڳو آهيان، الله تعاليٰ اسان جي قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي، اسان کي نيڪي جي راهه تي گامزن فرمائي ۽ اسان کي ??تحاد، امن ۽ خوشحالي عطا فرمائي.