اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين، ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا مڃ??ا آهن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پار??يا??اني سال جي شروعات تي پار??يا??ينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳا??ن جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا اسان جا واپاري حصيدار آهن ۽ اميد آهي ته آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا سان تعاون ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار اسٽريٽجڪ ۽ سدابهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ ??ي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ۽ دشمن عنصرن کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.