اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيا?? جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط عزم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي صدر کي ساراهيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو م??اه??و ڪيو ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي ??ي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنه?? جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گڏيل عرب امارات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ساراهيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻه?? جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو ا??هار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.