اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪنيڪي ۽ فني تعل??م کي هڪ جهڙو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني افرادي قوت جي بهتر روزگار جي لا??ِ پاڪستان اسڪل ڪمپني ۽ اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ جي قيام ۽ ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي شعبي ۾ سڌارن جي لا??ِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ سمنڊ پار پاڪستاني معاملن ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري و??ار?? ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽريڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪ??و. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، خالد مقبول صديقي، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، قومي ڪوآرڊينيٽر خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ليفٽيننٽ جنرلسرفراز احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اين اي وي ٽي ٽي سي جي پاڪستان ۾ افرادي قوت جي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي حوالي سان قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين اي وي ٽي ٽي سي هلندڙ سال 60 هزار ماڻهن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت فراهم ڪندو جڏهن ته سڌارا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪ?? 6 لک ماڻهن کي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي لا??ِ نه رڳو ٻاهرئين ملڪن مان روزگار جي موقعن ۽ گهربل هنر جي معلومات جي مٽاسٽا يقيني بڻائي پئي وڃي پر مقامي صنعت کان به ان حوالي سان افرادي قوت جي کپت جي ڊيٽا حاصل ڪئي وڃي ٿي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اين اي وي ٽي ٽي سي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ عالمي معيارج ي شهرت يافته ادارن مان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سرٽيفڪيشن لا??مي قرار ڏني آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي نوجوانن جي لا??ِ نه رڳو وفاقي سطح تي ڪوٽا مخصوص ڪئي وئي آهي پر انهن جي خصوصي تربيت جي لا??ِ جدا پروگرام جاري ڪيو پيو وڃي جنهن جي شروعات هلندڙ سال جون ۾ ٿي ويندي. اجلاس کي سمنڊ پار پاڪستاني معاملن ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري و??ار?? جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سڌارن تي سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اين اي وي ٽي ٽي سي ۽ سمنڊ پار پاڪستاني معاملن ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري و??ار?? جي سڌارن تي فوري سفارشون جوڙڻ جي لا??ِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستاني معاملن ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري و??ار?? ۽ اين اي وي ٽي ٽي سي ۾ سڌارن جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي ته ملڪ گير ٽيڪنيڪي ۽ فني تعل??م کي هڪ جهڙو ڪرڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني افرادي قوت جي بهتر روزگار جي لا??ِ پاڪستان اسڪل ڪمپني ٺاهي وڃي. وزيراعظم پاڪستان اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ جي فوري قيام، پاڪستان اسڪل ڪمپني ۽ پاڪستان اسڪل ڊيولپمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت کي عالمي معيار جي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ اين اي وي ٽي ٽي سي کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. سمورن ٽيڪنيڪي شعبن ۾ عالمي شهرت يافته ۽ عالمي سرٽيفڪيشنز يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته پاڪستاني افرادي قوت جي ترقي ۽ ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم جي معيار کي عالمي سطح تي آڻڻ جي لا??ِ وفاقي ادارا صوبن سان رابطو ۽ تعاون يقيني بڻائين ۽ بهترين ۽ عالمي معيار جي پيشيواراڻي ٽيڪنيڪي نر سان ليس افرادي قوت جي لا??ِ ريگيوليشن جو ٺوس نظام يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته نادرا، اين اي وي ٽي ٽي سي ۽ سمورن صوبائي ادارن سان گڏجي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرئين ملڪ موجود افرادي قوت جو هڪ ٺوس ۽ منظم ڊيٽابيس ٺاهيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمي معيار سان هم آهنگ فني ۽ ٽيڪنيڪي تربيت جي منصوبابندي لاڳو ڪئي وڃي. وزيراعظم پاڪستاني ٽيڪنيڪي ۽ فني افرادي قوت کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي حوالي سان ڪمپنين جي لا??يسنس رجيم ۾ پڻ سڌارن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙين ڪمپنين ۽ ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جيڪي پاڪستاني افرادي قوت کي دوکو ڏئي انهن کي معاشي نقصان پهچائين ٿا. اهڙا عنصر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي شرمندگي جو سبب بڻجن ٿا. پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪ??يونٽي ويلفيئر اتاشين جي مقررين ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي شعبي جي سڌارن جي لا??ِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا شعبي جي مجموعي طور تي سفارشون پيش ڪندي ۽ ڪميٽي سمنڊ پار پاڪستاني معاملن ۽ ترقي ۽ افرادي قوت واري و??ار?? جي سڌارن تي پڻ سفارشون جوڙيندي.