اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم ي??ني??رسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد ??ختر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان انهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي و??ن انساني وسيلن سان نوازيو آهي. صدر چيو ته انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر چيو ته ي??ني??رسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته ي??ني??رسٽيون شاگردن جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم ي??ني??رسٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم ي??ني??رسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي ي??ني??رسٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ??يو ۽ چيو ته قائداعظم ي??ني??رسٽي پاڪستان جي ٽاپ رينڪنگ ي??ني??رسٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابندي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. وائيس چانسلر چيو ته قائداعظم ي??ني??رسٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم ي??ني??رسٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ ي??ني??رسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي ي??ني??رسٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.