اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالم?? اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن ??يو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دا??ري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن ??يو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالم?? اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.