اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چين?? شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين?? شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادا??ن جي اعليٰ ??ملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چين?? شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته چين?? شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي. چين?? شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اجلاس دوران گهرو وزير کي چين?? شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.