اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ??ينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قط?? ۾ ??نهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپنين جي قط?? ۾ ??وجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيشنل ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لا??ِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنالاجي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. اسان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري ??گهجي ٿو، ان حوالي سان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ گڏجي ڪم ڪري ??گهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قط?? ۾ ??اڪستاني شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستان ۽ قطر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ??ائشه حميرا مورياڻي به موجود هئي.