لاهور – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اڃا تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، ان معاملي تي اتحادين سان مشاورت ڪنداسين جنهن کانپوءِ فيصلو قانون ۽ آئين موجب ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ داتا دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نائب وز??را??ظم ۽ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وز??را??ليٰ مريم نواز پاران دل جي گهرائين سان داتار دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي اسحاق ڊار کي داتا دربار جي ڪجهه تعم??را?? ۽ بلال گنج پاران ڪئي ويندڙ توسيع جي حوالي سان ??اڳ??پيل عملدارن بريفنگ ڏني. اسحاق ڊار نيسپاڪ کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي داتا دربار توسيع منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ان پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. نائب وز??را??ظم چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت مهانگائي ناهي آندي، پاڪستان کي ان وقت ياد ڪريو جڏه?? محمد نواز شريف کي ڪڍي ملڪ جي حالت خراب ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته جيڪي اڳ ۾ اقتدار ۾ آيا اهي ملڪ کي 6 کان 7 مهينن ۾ ڊيفالٽ ڪري هليا ويا. اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ ملڪي معيشت 24 هين کان 47 هين نمبر تي پهچي وئي. هن چيو ته (ن) ليگ کي حڪومت جو شوق نه هو جيڪڏهن اقتدار ۾ نه اچون ها ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي ها، اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ جي ??لا?? اليڪشن ڪميشن وٽ فارن فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته اسان باني پي ٽي آءِ وانگر صبح شام ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي نيب ??ي نه ٿا گهرايون، اسان کي ملڪي سلامتي سڀ کان وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي جڏهن ته قومي سالامتي جي ??لا?? ڪا ڳالهه نه ٻڌنداسين. اسحاق ڊار چيو ته 9 مئي جي واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته داتا صاحب جي دعائن سان پاڪستان جو ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، پاڪستان معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان ٻيهر ترقي ڪندو جڏهن ته ملڪ کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق ۽ بلال ياسين سميت اوقاف کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.