اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دير ضلعي ۾ پاڪ ??? ا??غان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي بهادري ۽ جرئت کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پاڪ ??? ا??غان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف وقت سر ڪارروائي تي پاڪ فوج کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته ملڪي دفاع، امن ۽ سلامتي جي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.