اسلام آباد – 25 – جول??ئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چ??و آهي ته پاڪستان جي نوجوان آبادي اسان جو اثاثو آهي، ملڪي ترقي نوجوانن جي ڀل??ئي سان واڳيل آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهي ۽ ملڪي ترق?? انهن جي ڀل??ئي سان واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي ملڪ جي تقدير بدل??ئي سگهن ٿا. نوجوانن کي روزگار جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نوجوانن کي هڪ جهڙي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي سمورن تربيتي پروگرامز جو محور روزگار جي فراهمي هجڻ گهرجي. جاب مارڪيٽ جي تفصيلي سروي ڪر??ئي ان موجب ترجيحي شعبن ۾ اسڪل ٽريننگ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي پي ايم يوٿ پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ?? ٻڌايو ويو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هيستائين 6 لک ليپ ٽاپس ڏنا ويا آهن. هن سال نوجوانن ۾ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپس ورهايا ويندا. گذريل ٽن سالن ۾ يوٿ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام تحت تربيت حاصل ڪندڙن ۾ 64 سيڪڙو کي باعزت روزگار مليو. بريفنگ ?? ٻڌايو ويو ته پي ايم نيشنل انوويشن ايوارڊ تحت 100 اسٽارٽ اپس کي فنڊ ڪيو و??و آهي. جن سڄي ملڪ ۾ چون?? انڪيوبيشن مرڪزن ۾ جڳهه ڏني پئي وڃي. پي ايم يوٿ سپورٽ ليگ تحت 10 عالمي معيار جي اسپورٽ اڪيڊميز ۽ هڪ بائيو مڪينيڪل ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. بريفنگ ?? ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر گرين يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کان بچاءُ ۽ ايڪو انوينشن جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان سڄي ملڪ جي 268 يونيورسٽين تي ڌيان ڏنو ويندو. نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي 2024ع جي تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. بريفنگ ?? ٻڌايو ويو ته پاليسي جو محور نوجوانن کي باعزت روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ورڪ فورس جي عورتن جي شرح ۾ اضافو ٿيندو. پي ايم ڊيجيٽل حب جو هڪ ون ون??و آپريشن ڊيش بورڊ هوندو، تيار ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.