لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي، ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصوص سيٽن جي حوالي سان پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ اهم نقطا اٿاريا. مخصوص سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار ئي نه هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چي?? ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چي?? ويو آهي، ته تفصيلي فيصلو 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ناهي اچي سگهيو. هن چي?? ته عام طور تي فيصلو ٻڌائڻ جي 15 ڏينهن اندر تفصيلي فيصلو جاري ٿيندو آهي، هن چي?? ته آئين جا ڪجهه آرٽيڪلز مخصوص سيٽن بابت آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلي ۾ انهن آرٽيڪلز کان هٽي ڪري فيصلو ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چي?? ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جي اختلافي نوٽ ۾ اهو به لکيل آهي، ته تحريڪ انصاف ان ڪيس ۾ ڌر نه هئي، ان کي رليف ڏيڻ لاءِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 ۾ حاصل ڪيل اختيارن کان ٻاهر وڃڻو پوندو ۽ آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي رد ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چي?? ته تحريڪ انصاف عدالت سامهون درخواست گذار جي حيثيت سان موجود ئي نه هئي، پر ان جي 81 ميمبرن کي رليف ڏنو ويو ۽ اهي ماڻهو جيڪي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيا ۽ حلف کڻي چڪا هئا، انهن جي رڪنيت ختم ڪئي وئي. انهن جي رڪنيت ختم ڪرڻ کان پهرين جيڪي مرحلا طي ٿيا، اهي قانوني طور تي پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. هن چي?? ته اها حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر جيڪڏهن ايوان ۾ سني اتحاد ڪائونسل مان نڪري تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ويهندا ته اهو آرٽيڪل 62 (1) ايف جي ڀڃڪڙي هوندي. هن چي?? ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ ۾ اهو به چي?? ته ثابت ٿيل حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل سياس?? پارٽي طور عام چونڊ ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به آزاد حيثيت ۾ چونڊ ۾ حصو ورتو. هن چي?? ته ان تي آئين ۽ قانون واضح آهن. آئين تحت انهن سياس?? پارٽين جيڪ?? پارليامينٽ ۾ موجود آهن کي متناسب نمائندگي جي فارمولي تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون آهن. هن چي?? ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، ان جي چيئرمين به آزاد حيثيت م اليڪشن وڙهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ميمبرن ان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو. هن چي?? ته جڏهن هڪ سياس?? پارٽي جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي ته ان کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون. هن چي?? ته سني اتحاد ڪائونسل جي پنهنجي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪو به اقليتي ميمبر انهن ج?? پارٽي ۾ شموليت اختيار نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح انهن کي اقليتي سيٽون به نٿيون ملي سگهن. وفاقي وزير چي?? ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي اختلافي نوٽ مان اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي، ته ان فيصلي تي عملدرآمد لاءِ آئين جي مخصوص سيٽن بابت آرٽيڪلز کي معطل ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته تحريڪ انصاف کي هن ڪيس ۾ بنا گه??ڻ جي رليف ڏنو ويو، انهن ماڻهن کي رليف ڏنو ويو جيڪي رليف گه??ڻ ئي نه آيا هئا. هن چي?? ته مخصوص سيٽن تي جيڪي ماڻهو چونڊيا انهن جي به حق تلفي ٿي آهي. انهن کي به ٻڌڻ گه??جي ها. مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ جي پوري طريقيڪار تي عمل ٿيو. شيڊيول تحت لسٽون اليڪشن ڪميشن ويون، انهن فهرستن جي بنياد تي ميمبرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، ڇنڊڇاڻ ٿي ۽ ان کان پوءِ انهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ۽ انهن ميمبرن اسيمبلي ۾ حلف کنيو. هن چي?? ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي رڪنيت ته ختم ڪئي وئي، جڏهن ته انهن باقي مرحلن تي غور نه ڪيو ويو. وفاقي وزير چي?? ته عدليه جي فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نظرثاني جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته اڃا تائين ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ڪيو ويو. هن چي?? ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ م آئيني ۽ قانوني نقطا اٿاريا آهن، اهي نقطا ليگل فريم ورڪ تي وڏو سواليه نشان آهن، جنهن جو جواب اچڻ ضروري آهي.