اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ مسقط ۾ هلندڙ هفتي ٻطرفي سياسي مشاورت جو ا??ون اجلا?? ٿيو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪريٽري (وچ اوڀر) سفير شهريار اڪبر خان ۽ اومان جي پرڏيهي وزارت ۾ جي سي سي ۽ ريجنل نيبرهوڊ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير شيخ احمد بن حشيل بن راشد المسڪري پنهنجي پنهنجي ملڪن جي وفدن جي قيادت ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ اومان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورنر خن بشمول سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، سلامتي ۽ دفاع، ثقافت، صحت ۽ قونصلر معاملن جو جامع جائزو ورتو. ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي پاڪ اومان تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين غزه تي اسرائيل جي جنگ ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظ??ار ڪيو. هن فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪرڻ جي مطالبي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.