اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 800 کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ 10 سيڪڙو ت??ئي?? گهٽتائي ڪئي آهي، ڪارپوريشن جي بيان موجب مختلف برانڊز جا گيهه، ??وڪ??گ آئل، چانهه، صرف، نوڊلز، ڪيچ اپ، ٽيٽرا پيڪ کير، خشڪ کير، مصالحا، سانڌاڻي، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ 200 روپين ت??ئي?? جي شاندار لاٿ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جي سبسڊي في الحال بند آهي، جيڪا تمام جلد نئين طريقيڪار تحت بحال ٿي ويندي، بيان موجب يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتطاميا صارفين کي بهترين خدمتون فراهم ??رڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪيو آهي. ادارو صارفين جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ترجمان چيوته صارفين کي بهترين سهولتون فراهم ??رڻ ، معياري ۽ رعايتي شين جي وڌيڪ مقدار ۾ فراهمي لاءِ عملي طور تي قدم کنيا پيا وڃن.