اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي ارسا جو معاملو اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏا??هن موڪليندي ارسا ميمبرن کي گهرائڻ ۽ معاملي تي تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي سد??ئي?? کان ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. قومي ??سيمبلي جي اجلاس ۾ ارسا پاران پاڻي جي ڊ??ئي??رزن جي فيصلي جي حوالي سان سيد نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، شبير علي بجاراڻي، مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻين جي اعتراض وارن نقطن تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان جي پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيو، نواز شريف جي سد??ئي?? ڪوشش رهي آهي ته مسئلن کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ارسا جي حوالي سان اسيمبلي ميمبرن جا خدشا آهن، اسيمبلي ميمبر هارين ۽ آبادگارن جو آواز ايوان ۾ اٿاريندا آهن، زراعت سان اسان جي معيشت واڳيل آهي، اهو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي ڏا??هن موڪليو وڃي. هن چيو ته ارسا جي ميمبرن ۽ صوبائي نمائندن کي خصوصي طور تي گهرايو وڃي ته جيئن تفصيلي بريفنگ ٿي سگهي ۽ ان مسئلي جو مناسب حل ڳولي سگهجي. ڊپٽي اسپي??ر غلام مصطفيٰ شاهه اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏا??هن موڪليندي چيو آهي ته جن اسيمبلي ميمبرن اهو معاملو اٿاريو آهي ا??هن کي به ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويندو. ارسا جي ميمبرن کي به گهرايو ويندو جڏهن ته جيڪي به ميمبر ان معاملي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اُهي پنهنجا نالا ڏين ته جيئن ا??هن کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي ??سيمبلي ميمبر محمد احمد چٺا جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضلعي وزيرآباد ۾ پاسپورٽ آفيس ٺهڻ گهرجي، ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا.