اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي چونڊ (ترميمي) بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽ ??ان بل منظور ڪرائڻ جي صورت ۾ بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. اجازت ملڻ تي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. قانون واري وزير ايوان کي ٻُڌايو ته هي بل فاٽا جي حوالي سان نالي جي درستگي ۽ هڪ ٽائٽل ۾ تبديلي لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته تاحيات نااهليءَ جو فيصلو هي ايوان قانونسازي ذريعي پهرين ئي طئي ڪري ڇڏ??و آهي. نااهليءَ جو مدو 5 سالن مقرر ڪيو و??و آهي. بعد ۾ ايوان بل جي اڪ??ريت راءِ سان شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.