ڪوئيٽه-06 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي 6 سيپٽمبر ي??م دفاع جي مناسبت سان پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن مُلڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع لاءِ اجتماعي قومي جذبي ۽ عزم کي هميشه قائم رکڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ 6 سيپٽمبر 1965ع تي ئي اسان جي فوج دشمنن جا قدم ٽوڙي ڇڏيا ۽ مادرِ وطن جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين اسان جي بهادر فوج ملڪ ۽ قوم لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ کي هميشه دشمن جي ميري نظر کان محفوظ بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته ي??م دفاع ان عهد جي تجديد آهي ته اسان پنهنجي عظيم شهيدن جي قربانين کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان ۽ تخريبڪار عنصرن خلاف صوبي جو عوام هميشه پنهنجي بهادر فوج ۽ ٻين ??يڪ??ورٽي ادارن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سندن مضبوط ٻانهون بڻيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، صوبائي حڪومت پنهنجي ??يڪ??ورٽي ادارن جي تعاون سان پنهنجي ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ صوبي ۾ تخريبڪاري، ڏڦيڙ ۽ دهشتگردي ڦهلائڻ وارن کي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو. وڏي وزير ي??م دفاع جي موقعي تي وطن عزيز جي سمورن شهيدن کي خرا??ِ عقيدت پيش ڪيو.