اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪامرس واري وزارت کي ترقي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، 13 ڪونسلز کي وڌائي 17 ڪيو ويو آهي. ٽوارزم، لائيو ا??ٽاڪ سميت سمو??ن ڪونسلز تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اڱاري ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي دوران سينيٽر ذيشان خانزاده جي سوال جي جواب ۾ واپاري واري و??ير ڄام ڪمال چيو ته 2025ع جي ٽيڪسٽائل پاليسي تي ڪم هلي رهيو آهي، ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي انتهائي اهميت حاصل آهي. هن ??يو ته اسان مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، موجوده صورتحال مشڪل آهي، اسان کي انٽرنيشنل مارڪيٽ تي ڏياڻ ڏيڻو آهي. هن ??يو ته حڪومت مثبت اثراتن قدمن سان ٽيڪسٽائل جي شعبي کي بهتر بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.