اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي آجياڻي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا. عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي خطاب ۾ انهن سمورن سفيرن ۽ باسز کي ياد ??يو ۽ انهن جا ٿورا مڃي?? جن سان گڏ هن ڪم ڪيو. سائرس سجاد قاضي پنهنجي ڪيريئر دوران مختلف وقتن ۾ پنهنجي عملي جي ميمبرن پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن جو اعتراف ??يو ۽ انهن جي مدد جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃيا. هن ان ٽيم جو به ٿورو مڃيو جنهن ساڻس گڏ پرڏيهي سيڪريٽري جي آفيس ۾ ڪم ڪيو. عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري انهن سمورن پرڏيهي وزيرن جا ٿورا مڃي?? جن سان گڏ هن ڪم ڪيو.