اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) مواصلات واري وزارت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب ??ين 45 جي ڪالڪا تائين چترال شاهراهه منصوبي جي سول و??ڪس جي خريدا??ي جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپين جي رهتن جي ادائيگي لاءِ وزارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ڪليمز کي اڪلائڻ جي هدايت به ڪئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبل، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽرين، لاڳاپيل و??ارتن ۽ ڊويزنن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي ??ين 45 جي ڪالڪا-چترال 48 ڪلوميٽر (سيڪشن 3) روڊ منصوبي جي سول و??ڪس جي خريداري بابت مواصلات واري وزارت جي سم??ي جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي، مواصلات واري وزارت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب سول و??ڪس جي خريدا??ي جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپيا رهتن بابت سم??ي جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي وزارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا ۾ پيل ڪليمز کي اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طرفان ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جي قابل بڻائڻ لاءِ پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) کي 656 ملين روپين جي رقم جي فراهمي بابت سم??ي جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي اهو معاملو رائٽ سائزنگ بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ گئس جي فراهمي جي ترجيحي آرڊر ۾ تبديلي جي حوالي سان توانائي واري وزارت جي سم??ي جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي گهريلو ۽ واپاري شعبن سان گڏوگڏ صنعتي عمل لاءِ گئس جي ??ست??مال کي پهرين ترجيح ۾ رکي موجوده گئس مختص ڪرڻ جي ترجيح ۾ ترميم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. ڪيپٽيو پاور ??ست??مال ڪندڙ صنعتن کي گئس جي ??ست??مال کي ڪمپريسڊ نيچرل گئس (سي ??ين جي) سان گهٽ ترجيح جي درجابندي ۾ شامل ڪيو ويو.