اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف منڪي پاڪس کان بچاءُ جون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وڃي، هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي داخلي رستن تي اسڪيننگ ۽ متاثر ماڻهن جي لاءِ قرنطينه سينٽرز جو قيام يقيني بڻايو وڃي. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منڪي پاڪس جي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وز??راعظم چيو ته منڪي پاڪس کان بچاءُ جون سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، عوام کي منڪي پاڪس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي داخلي رستن تي اسڪيننگ يقيني بڻائي وڃي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي في الحال منڪي پاڪس جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال درپيش نه آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته سمورا ادارا خاص طور تي صحت ??اري وزارت، اين ڊي ايم اي منڪي پاڪس جي حوالي سان پنهنجي تياري مڪمل ڪري ڇڏين. هن چيو ته منڪي پاڪس کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قرنطينه سينٽرز جو قيام يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي منڪي پاڪس جي تازي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آفريقي کنڊ هن وقت منڪي پاڪس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، پاڪستان ۾ متاثر ماڻهن ۾ منڪي پاڪس جي ڪليڊ ٽو قسم ڏٺي وئ?? آهي جيڪا گهڻي قدر گهٽ خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ 14 آگسٽ کان هيستائين رڳو 5 مريضن ۾ ان جي تشخيص ٿي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منڪي پاڪس جي متاثر ماڻهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان اچڻ کانپوءِ ان مرض جي تشخيص ٿي، منڪي پاڪس جي صورتحال تي روزاني جي بنياد تي جائزه اجلاس اين سي او سي ۾ ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزارت صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني سفارتخانن سان رابطي ۾ آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان عملدارن جي ٽريننگ ڪئي وئ?? آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته صوبن کي منڪي پاڪس جي ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ ٻيو سامان خريد ڪري اسٽاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئ?? آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان گڏيل قومن جي ادارن ۽ حصيداري ادارن سان مشاورت جاري آهي، منڪي پاڪس جي حوالي سان ملڪ گير هيلپ لائين 1166 کي فعال ڪيو ويو آهي، عوام جي آگاهي جي لاءِ اين آءِ ايڇ، صحت ??اري وزارت ۽ ميڊيا تي منڪي پاڪس جي حوالي سان معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي، چئني صوبن جي وڏن شهرن ۾ قرنطينه سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ هيستائين 6 لک ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئ?? آهي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سيڪريٽريز پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وز??راعظم جي صحت ??اري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرٿ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن سان ??ڏو??ڏ صوبائي چيف سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي.