اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري وفاقي وزي?? ڄام ڪمال چيو آهي ته پا??ستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پا??ستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پا??ستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پا?? – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري وفاقي وزير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پا??ستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري وزير چيو ته پا??ستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پا??ستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پا??ستان ۽ سعودي عرب واپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.