اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هاءِ ڪميشن طرفان جاري بيان موجب افتتاح جي موقعي تي هاءِ ڪمشنر سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني ??مپ??ين جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جا ڪاروباري ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جو تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائي مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ سازگار ٽائيم زون رکندڙ اسان جي ملڪ کي سڄي دنيا جي ??مپ??ين لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائ?? ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان برانڊ کي هٿي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌ??يو ته هن سال جي فيسٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ??مپ??ين جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ اهم رانديگر طور پاڪستان جي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪر?? ٿو. هن چيو ته سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ انهن ??مپ??ين جي موجودگي سنگاپور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم سان جڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنج?? پوزيشن قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي سنگاپور جي مانيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار سڃاڻپ پاڪستان جي فن ٽيڪ سيڪٽر جي وڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪر?? ٿو. سنگاپور جو ساليانو فن ٽيڪ فيسٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ آهي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ??مپ??ين لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ڪر?? ٿو ته جيئن هو پنهنجي مختلف شين کي متعارف ڪرائي سگهن ۽ ان شعبي ۾ نوان موقعا ڳولين.