باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، پاڪستان حڪومت چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم ڊنگ شوئيشيانگ سان ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم چ??ني وزيراعظم جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. ملاقات ۾ چ??ني شهرين جي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي لاءِ حڪومتي قدمن تي روشني وجهندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت چ??ني شهرين جي سيڪيورٽي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم حڪومت ??ي دهشتگردي جي لعنت جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهي. چ??ني نائب وزيراعظم پاڪستان سان گڏجي سيڪيورٽي چئلينجز کي عبور ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪ – چين تعاون ۾ سگهه جي خواهش جو اظهار ڪيو.