راولپنڊي -03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، قوم جي حمايت سان، سمورن خطرن خلاف مادر وطن جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. پاڪ ف??ج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ??رم?? چيف نارو وال ۽ سيالڪوٽ ۾ فيلڊ مشق جي دوري دوران خطاب ڪري رهيو هو. ??رم?? چيف کي مشق جي مقصدن ۽ اها منعقد ڪرڻ بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي. جنهن جو مقصد پيشيواراڻي مهارتن ۽ ميدان جنگ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ هو. جيڪي اڀرندڙ آپريشنل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. مشق دوران آرمر، انفنٽري، ميڪنائزڊ انفنٽري، آرٽلري، ايئر ڊفينس، ??رم?? ايوي ايشن ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائيل يونٽس طرفان مربوط فائر ۽ مينيو ور آپريشنز ڪيا ويا. ان مشق ۾ جنگي صلاحيتن ۽ معلوماتي آپريشنز جي اثرائتي استعمال جو به مظاهرو ڪيو ويو، جيڪي دشمن جي مواصلات ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ جديد ميدان جنگ جي ماحول ۾ غلط معلومات جي حڪمت عملين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. ??رم?? چيف سڄو ڏينهن فوجين سان گڏ ميدان ۾ گذاريو، انهن جي تربيتي معيار، آپريشنل تياري ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن مخالف قوتن طرفان درپيش ڪنهن به امڪاني خطري جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مستقل تياري کي برقرار رکڻ جي اهم اهميت تي زور ڀريو. ان کان اڳ مشق واري علائقي ۾ پهچڻ تي ڪمانڊر گوجرانوالا ڪور ۽ انسپيڪٽر جنرل آف ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن ??رم?? چيف جي آجيان ڪئي.