اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي رج??ٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو، تعليم واري وزارت تحت مدرسن جي رج??ٽريشن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن، مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجينئرز بڻجي رهيا اهن، مدرسا بل جي حوالي سان حڪومت عالم سڳورن جي تجويزن تي مشاورت ڪندي، مولانا فضل الرحمان قابل احترام آه??، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي. مقامي هوٽل ۾ مدرسن جي رج??ٽريشن ۽ سڌارن جي حوالي سان عالم سڳورن جي اجلاس کي خطاب ڪندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ انهن جي رج??ٽريشن جي لاءِ وسيع تر مشاورت کانپوءِ نظام جوڙيو ويو جنهن تحت 18 هزار مدرسن رج??ٽريشن ڪرائي ورتي. تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ مدرسن جي رج??ٽريشن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، خوشي ٿئي ٿي ته مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته تعليم واري وزارت ئي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ريگيوليٽ ڪري ٿي، ملڪ جون سموريون يونيورسٽيون به ان تحت آهن، مدرسن جي رج??ٽريشن تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ ڪرڻ سان مدرسن مان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، ان نظام جو مقصد هو ته مدرسن ۾ تعليم پرائيندڙ ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جو نقصان نه ٿئي، انهن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ٿئي ۽ اهي معاشري ۾ ذميوار ۽ پڙهيل لکيل شهري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. مدرسن جي شاگردن کي اهي سمورا موقعا ميسر هجن جيڪي ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ميسر آهن، انهي لاءِ چيو ويو ته مدرسن جا شاگرد ۽ يونيورسٽين جا ٻيا شاگرد هڪ ئي ڇت هيٺ هجن ته جيئن انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ ۽ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. هن چيو ته ان نظام جي حوالي سان تمام گهڻي تيزي ٿي، ڊائريڪٽوريٽ جنرل مذهبي تعليم ۾ 18 هزار مدرسن جي رج??ٽريشن ٿي چڪي آهي جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل مذهبي تعليم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مدرسن جي رج??ٽريشن جي عمل ۾ عالم سڳورن جون ڪوششون به شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته مدرسا بل ڪجهه قانوني پيچيدگين ??ي ڪري قانون جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو، اڄ هتي به ان حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، عالم سڳورن جون تجويزون نوٽ ڪري ورتيون آهن، انهن تي مثبت فيڊ بيڪ ڏينداسين. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جي لاءِ قابل احترام آه??، سندس تجويزون به ٻڌنداسين، ان مسئلي جو اهڙو حل چاهيون ٿا جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي ۽ ڪنهن کي اعتراض نه هجي، ان حوالي سان اسان نيڪ نيتي سان ڪردار ادا ڪنداسين. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي حوالي سان معاملن جي لاءِ پڻ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، دهشتگردي جو مقابلو ۽ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ تمام ضروري آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي نوابزاده نصرالله خان جي نظم جا ڪجهه شعر پڻ پيش ڪيا.