اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراع??م جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پوليو وائرس جي موجوده صورتحال سڄي ملڪ جي ٻارن لاءِ سنگين خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسل گوجرو دؤري دوران ڪيو. دؤري دوران هن پولي?? مهم جو معائنو ڪيو ۽ ٽيمن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته 16 کان 22 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ جي 143 مخصوص ضلعن ۾ پوليو خلا?? مهم جاري رهندي. هن والدين ??ي اپيل ڪئي ته پوليو ورڪرز سان ڀرپور سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن تائين جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيئارين. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ ۾ ڪاميابي اجتماعي ڪوششن ذريعي ئي ممڪن آهي.