اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جو عمل شروع ٿي ويو، جڏهن ته ايندڙ اجلاس 2 جنوري 2025ع تي ٿي??دو، جنهن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو ٿئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽ ۾ قائدِ ايوان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائي پڙهي ٻُڌائي. پارليامينٽ هائوس ۾ حڪومتي اتحادي ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ اتحادي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي پهرين باضابطه ويهڪ ٿي. اسپيڪر اجلاس جي صدارت ڪئي. حڪومتي اتحادي ڪميٽي طرفان ??ائب وزيراعظم ۽ نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عبدالعليم خان ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي طرفان اسد قيصر، راجا ناصر عباس ۽ صاحبزاده محمد حامد رضا شريڪ هئا. اسد قيصر آگاهه ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽيءَ جا باقي ميمبر عدالتي جاين يا ملڪ کان ??اهر هئڻ سبب ان ??نگامي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ٻنهي مذاڪرتي ڪميٽين خير سگالي جو اظهار ڪندي اجلاس کي نهايت هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو اهم فورم آهي ۽ ڳالهين واري عمل کي جاري رهڻ گهرجي. مخالف ڌر ڪميٽي پنهنجي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو. طئي ٿي?? ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ مخالف ڌر ڪميٽي لکت طور تي پنهنجا مطالبا ۽ شرطَ پيش ڪندي ته جيئن انهن دستاويزن جي روشني ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن. اجلاس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪندي ان ??ُختي عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي جي جنگ ۾ اسان سڀ قوم سان گڏ بيٺل آهيون. ٻنهي ڳالهين وارين ٽيمن اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حڪومتي ڪميٽيءَ جي قيام ۽ ڳالهين جي عملي شروعات لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. گڏيل صلاح مشوري سان طئي ٿي?? ته ايندڙ ڳالهين وارو اجلاس 2 جنوريءَ تي منعقد ٿي??دو. ان کان اڳ اسپيڪر چيو ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين جو پهريون اجلاس سٺي ماحول ۾ ٿي?? جنهن لاءِ حڪومتي ليڊرشپ ۽ ڪميٽي ۽ مخالف ڌُر جي ليڊرشپ ۽ ڪميٽيءَ جا شڪرگذار آهيون. اجلاس ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته گڏجي ويهي پاڪستان جي بهتريءَ جو عهد ڪريون ٿا ۽ ڪوشش به ڪنداسين، اسان سڀ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ان سان سياسي بهتري، جمهوريت مستحڪم ۽ پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجن جي خاتمي جي اميد آهي. هن ٻُڌايو ته مخالف ڌر جي ڪميٽي ۾ نامزد ڪجهه ميمبر شريڪ نه ٿي سگهيا. ڪميٽيءَ جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿي??دو جنهن ۾ چارٽر آف ڊيمانڊ به کڻي اينداسين. هن ٻُڌايو ته مختصر گڏيل پريس پڌرائي آندي ويندي ته جيئن ان تي گهٽ کان گهٽ تبصرو ٿئي. هن گذارش ڪئي ته انهن ڳالهين واري عمل کي هاڪاري نظر سان ڏسو، اسان چاهيون ٿا ته ماحول سٺو رهي، اسان ??اڪستان جي بهتريءَ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو چاهيون ٿا.