اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پ?? پي) پا??ستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پ??رين جنوري تي پ??هنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان??ي مناسبت سان پا??ستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پا??ستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پا??ستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.