اسلام آباد – 07 – جنوري (ا?? پي پي) صدر آصف علي ??رداري چين جي علائقي شي زانگ ۾ زلزلي ??بب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر زلزلي ۾ فوتگين ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون چيني حڪومت، عوام ۽ زلزلي متاثرين سان گڏ آهن. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ?? ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. صدر زلزلي ??بب ٿيندڙ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.